SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جنيوا ٺاهه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


جنيوا ٺاهه

Geneva Accords

جينيوا اڪارڊس

هونئن ته سُئٽزرلئنڊ جي شهر جنيوا ۾ فلسطين مسئلي ۽ ويٽنام مسئلي سميت ڪيترن معاملن تي ٺاهه ٿي چڪا آهن، پر سڀني کان اهم ٺاهه پاڪ - افغان ڇڪتاڻ جي حوالي سان ڳڻيا وڃن ٿا. جڏهن ته سوويت يونين 1979ع جي پڇاڙيءَ ڌاري افغانستان ۾ پنهنجون فوجون داخل ڪيون، ته ان قدم سان عالمي سياسي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ جي فضا پيدا ٿي. گڏيل قومن ان مسئلي جي امن ڀريي حل لاءِ نامياري سفارتڪار ’پيريزڊي ڪوئيار‘ کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو. جنهن پاڪستان ۽ افغان انتظاميه وچ ۾ اڻ سڌيون ڳالهيون شروع ڪرايون. بعد ۾ ڪوئيار گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل بنجڻ کانپوءِ، ٻئي سفارتڪار ’ڊيگو ڪارڊو ويز‘ کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو. جنهن ٻنهي مُلڪن وچ ۾ ٽٽل ڳالهين جو سلسلو ٻيهر بحال ڪيو. انهن ڳالهين جو نتيجو 1988ع ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن ٻنهي ملڪن 14 اپريل 1988ع تي چئن ٺاهن تي صحيون ڪيون. انهن ٺاهن موجب پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي پڪ ڏياري. آمريڪا ۽ سوويت يونين انهن ٺاهن تي ضامن جي حيثيت ۾ صحيون ڪيون. انهن ٺاهن سان افغانستان مان سوويت فوجن جي واپسيءَ جو عمل شروع ٿيو ۽ افغان مهاجر اباڻي وطن ڏانهن موٽڻ لڳا


Geneva Agreement

جينيوا اگريمينٽ

مئي 1954ع ۾ فرانس ۽ سندس ٽن قبضي هيٺ آيل ايشيائي رياستن لائوس، ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام وچ ۾ لڙائي ختم ڪرڻ لاءِ هن ٺاهه تي صحيون ڪيون ويون. هن ٺاهه تحت ويٽنام ۾ چونڊون ڪرائي، اقتدار عوامي نمائندن حوالي ڪرڻو هو، جنهن تي عمل نه ٿيڻ ڪري وڏي سياسي بحران جنم ورتو ۽ 18 سالن تائين علائقي ۾ خون خرابو ٿيو


Remember Me Also:

ڀنڊو

ذ. سِڻيءَ جو هڪ قِسم جنهن مان سُٽ ڪڍي، ڪَتي، وَٽي، رَسا ۽ پنجوڙيون ٺاهين ۽ پڻ کٽون ۽ پينگها واڻين ، سِجاتو. ننڍڙن وارن جي چَڳَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal